پاڪ افغان سرحد تي ڇڪتاڻ وڌڻ کان پوءِ پاڪ فوج موثر جوابي ڪارروائي ڪندي افغانستان جي ڪيترين ئي سرحدي پوسٽن تي قبضو ڪري اتي قومي جهنڊو ڦڙڪائي ڇڏيو آهي۔سيڪيورٽي ذريعن موجب اها ڪارروائي انگور اڊه سيڪٽر ۾ رات دير سان ڪئي وئي، جتي پاڪ فوج ڳرن هٿيارن سان جارحاڻي انداز ۾ ڪارروائي ڪئي۔ ان دوران افغان فورسز جون ڪيترائي چوڪيون مڪمل طور تي تباهه ٿي ويون ۽ افغان اهلڪار پوسٽون ڇڏي فرار ٿي ويا۔ذريعن موجب پاڪ فوج افغانستان جي 19 چيڪ پوسٽن تي ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو، جتان کان پاڪستاني علائقي تي حملن جي منصوبابندي ٿيندي هئي۔ پاڪ فوج جي اڳڀرائي ڏسندي افغان فورسز پنهنجون پوزيشنون ڇڏي پوئتي هٽڻ تي مجبور ٿي ويون، جنهن بعد پاڪستاني فوجي اهلڪارن انهن چوڪين تي قومي جهنڊو ڦڙڪايو۔سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته سيڪٽر جون وڌيڪ چوڪيون به هاڻ پاڪ فوج جي ڪنٽرول ۾ اچي رهيون آهن ۽ ڪارروائي جاري آهي۔
