ڄامشورو: سنڌ يونيورسٽي ۾ تعليمي سال 2026ع لاءِ بيچلرز ڊگري پروگرامن ۾ داخلائن جي پري انٽري ٽيسٽ جو آغاز

ڄامشورو سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ تعليمي سال 2026ع لاءِ بيچلرز ڊگري پروگرامن ۾ داخلائن جي سلسلي ۾ پهرئين مرحلي جي پري انٽري ٽيسٽ جو آغاز ٿي ويو، جنهن ۾ 1801 شاگردياڻين سميت مجموعي طور 9341 اميدوارن شرڪت ڪئي.ٽيسٽ ۾ دادو، گھوٽڪي، جيڪب آباد، ڪراچي، ڪشمور، خيرپور، لاڙڪاڻو، مٽياري، نوشهروفيروز، قمبر-شهدادڪوٽ، سانگهڙ، شهيد بينظير آباد، شڪارپور، سکر ۽ ٻين ضلعن سان گڏ ملڪي ٻين صوبن مان به اميدوار شامل ٿيا.وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري، رجسٽرار ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو، ڊاڪٽر عرفانا ملاح، پروفيسر امر سنڌو، ڊاڪٽر تانيا مشتاق ۽ ٻين انتظامي آفيسرن گڏجي مختلف ٽيسٽ سينٽرن جو دورو ڪري سيڪيورٽي، پارڪنگ، ۽ امتحاني انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو. وائيس چانسلر انتظامن تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو.اميدوارن جي سهولت لاءِ 140 رضاڪار مقرر ڪيا ويا آهن جيڪي شرڪت ڪندڙن کي سندن لاڳاپيل بلاڪن تائين رهنمائي ڪري رهيا آهن. انٽري پوائنٽس تي واڪ ٿرو گيٽس لڳايا ويا آهن ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ 4 ميڊيڪل ڪيمپون به قائم ڪيون ويون آهن.يونيورسٽي جي سيڪيورٽي گارڊن سان گڏ ضلعي ۽ ٽريفڪ پوليس جا اهلڪار پڻ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته ٽيسٽ دوران مڪمل نظم ۽ ضبط برقرار رهيو.

پنھنجي راءِ لکو