شڪارپور شيخ ۽ باجڪاڻي برادري وچ ۾ خوني تڪرار جو نبيرو، هڪ ڪروڙ 82 لک جو ڏنڊ مقرر

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) — شڪارپور ۾ شيخ ۽ باجڪاڻي برادري وچ ۾ خوني تڪرار جو نبيرو ٿي ويو، جنهن تحت هڪ ڪروڙ 82 لک 28 هزار روپين جو ڏنڊ مقرر ڪيو ويو آهي ۽ سمورا پئسا ڪورٽ ۾ جمع ڪرايا ويندا۔ تفصيل موجب، 2020 ۾ سکر ۾ ٽي ايم او اعجاز شيخ قتل ڪيو ويو هو، جنهن جي معاملي تي باجڪاڻي برادري جا جوابدار امجد علي باجڪاڻي ۽ عامر علي باجڪاڻي کي ڪورٽ پاران ڦاھي جي سزا ٻڌائي وئي هئي۔ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ محمد علي شيخ ۽ شيخ برادري ۽ باجڪاڻي برادري مير شبير علي خان، ايم اين اي، مير شاھ زين خان، مير غزين خان، مير راجا غوث بخش خان، مير اشرف خان ۽ مير حيدر علي خان جي سربراهي ۾ ڳالهين کانپوءِ رنجشون ختم ٿي ويون ۽ ڀاڪرپارايو فيصلو ٿيو۔ مقرر ڪيل ڏنڊن ۾ ٽي ايم او اعجاز شيخ جي خون لاءِ 98 لک 28 هزار روپيا، سندس ڪار جو نقصان 25 لک، ڪورٽ خرچ 25 لک، زخمي سليمان لاءِ 19 لک ۽ ٻيا خرچ 15 لک شامل آهن، جن جو ٽوٽل هڪ ڪروڙ 82 لک 28 هزار روپيا آهي، جيڪي ڪورٽ ۾ جمع ڪرايا ويندا۔ هي فيصلو ٻنهي ڌرين جي موقف ٻڌڻ بعد مير شبير علي خان ۽ امتياز علي شيخ جي سربراهي ۾ ڪيو ويو۔

پنھنجي راءِ لکو