غوثپور لڳ ڳوٺ ڦالئي خان چولياڻي ۾ اسڪول جي عمارت نه هجڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) — غوثپور لڳ تعليم کاتي جي بي ڌياني ۽ لاپرواهي سبب ڳوٺ ڦالئي خان چولياڻي ۾ اسڪول جي بلڊنگ ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ تي ڳوٺاڻن طارق چولياڻي، ارشد چولياڻي، ميجر چولياڻي، شفقت چولياڻي، اشفاق، اياز ۽ سينگار چولياڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري تعليم کاتي جي اعليٰ عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي۔ مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڳوٺ ۾ اسڪول منظور ٿيل آهي پر اڃا تائين بلڊنگ تعمير نه ٿي سگهي آهي، جنهن سبب استاد گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيا آهن ۽ سوين ٻار تعليم جي زيور کان محروم آهن۔ انهن مطالبو ڪيو ته بنا دير اسڪول جي عمارت مهيا ڪري استادن جي حاضري کي يقيني بڻايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو۔

پنھنجي راءِ لکو