ٺڪراٺو خانپور مهر روڊ تي ڄام دلوش پل تي حادثو، علائقي واسي نئين پل جو ڪم مڪمل ڪرڻ جو مطالبو

ٺڪراٺو (رپورٽ) — ٺڪراٺو خانپور مهر مين روڊ تي ڄام دلوش مهتم پل وٽ تيز رفتاري سبب مهراڻ ڪار مبارڪپور مائنر ۾ ڪري پيئي، جنهن ۾ خانپور مهر جو ڊرائيور راجيش ڪمار مينگهواڙ معجزاڻي طور بچي ويو۔ علائقي واسي موجب ڄام دلوش پل جو نئون اڏجندڙ منصوبو گذريل 17 سالن کان اڌورو پيل آهي، ٺيڪيدار صرف ٿنڀا ٺاهڻ بعد غائب ٿي ويو، جڏهن⁠تہ پراڻي پل تمام سوڙهي هجڻ سبب حادثا معمول بڻجي چڪا آهن۔ اڳ به ڪيترن ئي حادثن ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن۔ رهواسين سنڌ سرڪار ۽ ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته نئين پل جو ڪم بنا دير مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن روڊ حادثن جو سلسلو بند ٿئي۔

پنھنجي راءِ لکو