خيبرپختونخواهه جي راڄڌاني پشاور ۾ هڪ گهرو تڪرار دوران مڙس پاران زال ۽ ٻن ڌيئرن کي قتل ڪرڻ کان پوءِ پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو.چمڪني ٿاڻي جي پوليس موجب فضل حيدر ولد شير غني مسلم سٽي واري علائقي ۾ فائرنگ ڪئي، جنهن دوران سندس زال ۽ ٻه معصوم ڌيئرون ميرحا ۽ منتها شهيد ٿي ويون، ۽ بعد ۾ پاڻ تي به فائرنگ ڪري حياتي جو خاتمو ڪيو.واقعي جي اطلاع ملڻ تي پوليس فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهتي، لاشن کي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته واقعي واري هنڌان اهم شاهديون گڏ ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.مقتول جي ڀاءُ شير اڪرم جي مدعيت ۾ پوليس ۾ رپورٽ داخل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پوليس طرفان گڏيل جاچ جاري آهي ته جيئن واقعي جي اصل حقيقتن تائين پهچ ڪري سگهجي.
