“ڪي پي جو اڳوڻو وڏو وزير ٻن گهريلو عورتن جي تڪرار سبب عهدي تان هٿ ڌوئي ويٺو: عظمىٰ بخاري”

پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظمىٰ بخاري چيو آهي ته جڏهن خيبرپختونخوا جو پهريون وڏو وزير اڃا تائين ڊي نوٽيفاءِ ناهي ٿيو، ته نئون وڏو وزير ڪيئن چونڊيو وڃي ٿو؟لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عظمىٰ بخاري، خيبرپختونخوا جي نئين چونڊيل وڏي وزير سُهيل آفريدي تي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته “موصوف اڄ ڪي پي اسيمبلي ۾ ڳالهيون ڪيون ته هو پرچي تي وزيراعليٰ نه بڻيو آهي، پر حقيقت ۾ ته پاڻ کي فرشتو وزيراعليٰ سمجهي ٿو عظمىٰ بخاري چيو ته “پهرئين وڏو وزير ڪنهن عدم اعتماد سبب نه پر ٻن گهريلو عورتن جي جهيڙي سبب وزارت تان هٿ ڌوئي ويٺو، ۽ هاڻي نئون وزيراعليٰ چونڊڻ جو عمل ئي سوال هيٺ اچي ويو آهي.”

پنھنجي راءِ لکو