اسلام آباد انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان کان مطالبو ڪيو آهي ته سرڪاري آفيسرن جا اثاثا ظاهر ڪرڻ لاءِ هڪ شفاف ۽ جامع نظام (مڪينزم) تيار ڪيو وڃي۔ذريعن موجب پاڪستان لاءِ موجوده قرض پروگرام جي ٽين قسط حاصل ڪرڻ لاءِ ڳالهيون جاري آهن، پر آءِ ايم ايف سرڪاري عملدارن جي اثاثن جي ڊڪليئريشن واري نظام تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي۔خزاني واري وزارت جي ذريعن ٻڌايو ته آءِ ايم ايف وفاق ۽ صوبن جي سرڪاري عملدارن جا اثاثا ظاهر ڪرڻ لاءِ واضح طريقو تيار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهنتہ صرف بينڪ اڪائونٽن جي معلومات مهيا ڪرڻ واري تجويز کي رد ڪيو ويو آهي۔ذريعن موجب وفاقي وزيرِ خزانه ايندڙ ملاقات ۾ آءِ ايم ايف جي مينيجنگ ڊائريڪٽر سان اسٽاف ليول معاهدي لاءِ درخواست ڪندو ۽ اثاثا ظاهر ڪرڻ واري نظام لاءِ نئين ٽائيم لائين ڏيڻ جي به استدعا ڪندو۔آءِ ايم ايف مشن جو چوڻ آهي ته صرف بينڪ اڪائونٽن جي معلومات ناڪافي آهي، ڇوتہ ڪيترن آفيسرن جا اثاثا ٻين نالن تي به ٿي سگهن ٿا، تنهنڪري مڪمل شفاف نظام جو هجڻ لازمي آهي۔
