ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) —سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران داخلا لاءِ ورتل پري انٽري ٽيسٽ جي پهرين مرحلي جا نتيجا جاري ڪيا ويا آهن۔يونيورسٽي انتظاميا موجب هن مرحلي ۾ هزارين اميدوارن حصو ورتو، جن مان 6 هزار 880 اميدوارن گھربل نمبر حاصل ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي۔انهي مرحلي ۾ ڪشمور سان تعلق رکندڙ نوجوان محمد علي کوسو شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري پوري سنڌ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، جنهن سان نه صرف سندس والدين جو سر فخر سان مٿي ٿي ويو، پر سڄي ڪشمور ضلعي جو نالو به روشن ٿي ويو۔محمد علي کوسو جو چوڻ هو ته سندس ڪاميابي محنت، والدين جي دعا ۽ استادن جي رهنمائي جو نتيجو آهي۔هن چيو ته هو مستقبل ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري ملڪ ۽ سنڌ جي نالي کي وڌيڪ مٿي آڻڻ چاهي ٿو۔
