جمعيت علماءِ اسلام (ف) خيبرپختونخواهه جي نئين وڏي وزير سهيل آفريدي جي چونڊ کي پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي۔درخواست پارلياماني اڳواڻ لطف الرحمان جي طرفان بيرسٽر ياسين رضا جي ذريعي داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته “سابق وڏي وزير جي استعيفيٰ اڃا تائين منظور ناهي ٿي، پوءِ نئين وڏي وزير جي چونڊ آئيني طور درست ناهي۔”درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته گورنر خيبرپختونخواهه اڳوڻي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي 15 آڪٽوبر تي ذاتي طور پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي، جيئن استعيفيٰ جي تصديق ٿي سگهي۔ٻئي پاسي لطف الرحمان ميڊيا سانڳالهائيندي چيو ته “وڏي وزير جي چونڊ غير قانوني طريقي سان ٿي آهي، ڇوتہ اڳوڻي وڏي وزير جي استعيفيٰ اڃا منظور ناهي ٿي، ۽ گورنر انهيءَ جي تصديق لاءِ کيس گهرايو آهي۔”هن وڌيڪ چيو ته “سمجهه ۾ نٿو اچي ته هنن کي اهڙي جلدي ڇو آهي، نئين وڏي وزير جي اچڻ تائين پراڻو وڏو وزير پنهنجا ڪم جاري رکي سگهي پيو۔”لطف الرحمان ٻڌايو ته “اسپيڪر جي چونڊ تي اسان ڪاغذ جمع ڪيا پر اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو۔ جڏهن گورنر جو خط آيو ته خبر پئي ته استعيفيٰ ته اڃا تائين منظور ئي ناهي ٿي۔ اسان چاهيون ٿا ته اڳوڻي وڏي وزير جي استعيفيٰ آئيني طريقي سان منظور ڪئي وڃي، پوءِ نئون وڏو وزير چونڊيو وڃي۔”
