سوات ۾ پوليو ٽيم تي فائرنگ، ليويز اهلڪار شهيد

خيبرپختونخواهه جي ضلعي سوات ۾ پوليو ٽيم تي فائرنگ جي نتيجي ۾ ديوٽي تي مقرر ليويز اهلڪار عبدالڪبير شهيد ٿي ويو.تفصيل موجب، سوات جي تعلقه مٽه جي ڏوراهين علائقن انظر تنگي ۽ بياڪن ۾ پوليو ٽيم تي فائرنگ جو واقعو پيش آيو.ڊي پي او سوات محمد عمر ٻڌايو ته پوليو ٽيم ۾ عورتون به شامل هيون، جيڪي فائرنگ دوران محفوظ رهيون. شهيد اهلڪار جو لاش مٽه اسپتال منتقل ڪيو ويو.ڊي پي او موجب، واقعي واري هنڌ تي وڏي تعداد ۾ پوليس پهچي چڪي آهي ۽ علائقي ۾ عسڪريت پسندن جي خلاف سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.

پنھنجي راءِ لکو