پي ٽي سي ايل جو اعلان — ملڪ ۾ 18 ڪلاڪ تائين انٽرنيٽ سست يا معطل رهڻ جو امڪان

— پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپني لميٽيڊ (پي ٽي سي ايل) انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن کي خبردار ڪيو آهي ته ملڪ ۾ ايندڙ 18 ڪلاڪن تائين انٽرنيٽ جي رفتار سست ٿي سگهي ٿي يا سروس عارضي طور معطل رهندي۔تفصيل موجب پي ٽي سي ايل ملڪ جي هيٺان هلندڙ سب ميرين ڪميونيڪيشن نيٽ ورڪ جي هڪ حصي ۾ مرمتي ڪم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن سبب اڄ ملڪ ڀر ۾ انٽرنيٽ سروس ۾ سستي يا عارضي بندش اچي سگهي ٿي۔پي ٽي سي ايل جي ترجمان موجب بين الاقوامي ڪيبل ڪنزورشيم هڪ خراب ريپيٽر جي مرمت لاءِ 14 آڪٽوبر 2025 تي صبح 11 وڳي کان ڪم شروع ڪندو، جيڪو لڳ ڀڳ 18 ڪلاڪ جاري رهندو۔ ان عرصي دوران صارفين کي انٽرنيٽ براؤزنگ ۾ دير، وڊيو اسٽريمنگ ۾ رڪاوٽ يا عارضي ڪنڪٽي ويوٽي مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو۔ترجمان جو چوڻ آهي ته پي ٽي سي ايل جا انجنيئر عالمي پارٽنرز سان گڏجي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته صارفين کي گهٽ کان گهٽ تڪليف ٿئي۔ ڪمپني صارفين کان معذرت ڪندي چيو آهي ته هي مرمتي ڪم نيٽ ورڪ جي ڊگهي مدي واري استحڪام ۽ ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ لاءِ ضروري آهي۔ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي ڊيجيٽل معيشت جنهن ۾ اي ڪامرس، ريموٽ ڪم، تعليم ۽ فِن ٽيڪ خدمتون شامل آهن، انٽرنيٽ تي دارومدار رکي ٿي، تنهن ڪري معمولي تعطل به مختلف شعبي کي متاثر ڪري سگهي ٿو۔پي ٽي سي ايل صارفين کي صلاح ڏني آهي ته مرمتي ڪم دوران پنهنجن آن لائن سرگرمين جي منصوبه بندي احتياط سان ڪن۔ٻئي پاسي پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) ملڪ ۾ فڪسڊ سيٽلائيٽ سروسز (FSS) جا لائسنس جاري ڪرڻ جو منصوبو پيش ڪيو آهي، جيڪو ملڪ ۾ انٽرنيٽ ي ل هي قدم اسٽارلنڪ ۽ شنگهائي اسپيس ڪام جهڙين عالمي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيٽلائيٽ انٽرنيٽ سروسز مهيا ر ترغيب ڏيندو، جنهن سان دور دراز ۽ محروم علائقن تائين تيز رفتار انٽرنيٽ پهچ ممڪن بڻبي۔پي ٽي اي موجب لائسنس حاصل ڪندڙ ڪمپنين کي گِيٽ وي اسٽيشنون ۽ VSAT ٽرمينلز قائم ڪرڻ جي اجازت هوندي، جڏهن ته هي لائسنس 15 سال لاءِ جاري ڪيو ويندو، جنهن جي فيس 5 لک آمريڪي ڊالر مقرر ڪئي وئي آهي، ۽ آپريٽرز کي منظوري کان 18 مهينن اندر سروس شروع ڪرڻي پوندي۔

پنھنجي راءِ لکو