پشاور هاءِ ڪورٽ نئين چونڊيل وڏي وزير کان حلف نه وٺڻ بابت داخل ڪيل درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي۔چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ جي سربراهي ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جتي ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته گورنر سرڪاري دوري تي ويو آهي ۽ سڀاڻي دوپهر 2 وڳي واپس ايندو۔چيف جسٽس پڇيو ته “ڪي پي جي گورنر حلف بابت ڇا چيو آهي؟” جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته گورنر استعيفيٰ جي منظوري لاءِ علي امين گنڊاپور کي گهرايو آهي۔عدالت سوال ڪيو ته ڇا گورنر حلف برداري لاءِ راضپو ظاهر ڪيو آهي؟اٽارني جنرل جواب ڏنو ته “گورنر اچي فيصلو ڪندو، ان لاءِ انتظار ڪيو وڃي۔”گورنر جي نمائندي عامر جاويد ايڊووڪيٽ عدالت کي ٻڌايو ته گورنر سڀاڻي اچي ويندو، پوءِ سڀ معاملا طئي ٿي ويندا۔ هن چيو ته نئين وڏي وزير جي اچڻ تائين پراڻو وڏو وزير آفيس جا معاملا هلائيندو۔عدالت ريمارڪس ڏنا ته “اهو ته تڏهن ٿيندو جڏهن چونڊون نه ٿينديون، هتي ته چونڊون ٿي چڪيون آهن ۽ ٻين پارٽين به وڏي وزير جي عهدي لاءِ ڪاغذ جمع ڪرايا آهن۔”عامر جاويد چيو ته جيڪڏهن حڪومت جهاز اماڻي ته گورنر اڄ رات تائين واپس اچي سگهي ٿو، جنهن تي عدالت سوال ڪيو ته ڇا گورنر پبلڪ فلائيٽ تي ايندو آهي؟عامر جاويد جواب ڏنو ته “ها، گورنر پبلڪ فلائيٽ تان ئي سفر ڪندو آهي۔”بعد ۾ عدالت دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو۔
