گهڻا پاڪستاني مرد بيوفا آهن، شادي ڪنهن پرڏيهي سان ڪندس: سعيده امتياز

اداکاره سعيده امتياز هڪ نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ محبت، شادي ۽ رشتي بابت پنهنجا خيال شيئر ڪيا.سعيده امتياز موجب، رشتي ۾ محبت جو بنياد احساس هئڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ضمير انسان کي غلط رستي کان روڪي ٿو. هن چيو ته گهڻا پاڪستاني مرد پنهنجي گهر وارن سان محبت جا دعوائون ڪندا آهن، پر ٻاهر ٻين عورتن سان ساڳيا لفظ ورجائيندا آهن.شادي بابت هن چيو ته کيس ارينج ميريج خوفناڪ لڳي ٿي. هن چاهيو ته شادي محبت ۽ ارينج جو امتزاج هجي: ماڻهو پاڻ پسند ڪن، پر معاملا گهر وارن جي رضا سان طئي ٿين.سعيده امتياز جو چوڻ آهي ته سندس شريڪ حيات شايد پاڪستاني نه هوندو، ڇاڪاڻ ته پاڪستاني مرد گهڻا بيوفا هوندا آهن، جڏهن ته پرڏيهه ۾ اهڙا معاملا گهٽ هوندا آهن. هن اهو به چيو ته عورتون پڻ ڪڏهن ڪڏهن قصوروار هونديون آهن.اداڪاره وڌيڪ چيو ته، جڏهن شادي شده مرد هن سان رابطو ڪندا آهن، ته هو فوراً جواب ڏئي گهروارن کي اسڪرين شاٽ موڪليندي آهي، جنهن کان پوءِ اهي مرد ٻيهر رابطو نه ڪندا آهن.

پنھنجي راءِ لکو