پشاور: جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) خيبرپختونخواهه جي نئين وڏي وزير سهيل آفريدي جي چونڊ کي عدالت ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي۔پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست جي يو آءِ جي پارلياماني اڳواڻ لطف الرحمان ۽ بيرسٽر ياسين رضا جي ذريعي داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ مؤقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جڏهن اڳوڻي وڏي وزير جي استعيفيٰ منظور ئي ناهي ٿي، ته پوءِ نئين وڏي وزير جي چونڊ آئيني طور صحيح نٿي ٿي سگهي۔رخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته خيبرپختونخواهه جي گورنر استعيفيٰ ڏيندڙ وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي 15 آڪٽوبر تي وضاحت لاءِ طلب ڪيو آهي۔صحافين سان ڳالهائيندي لطف الرحمان چيو ته وڏي وزير جي چونڊ غيرقانوني طريقي سان ڪئي وئي آهي، جڏهن ته گورنر به علي امين گنڊاپور کي استعيفيٰ جي تصديق لاءِ گهرايو آهي۔هن چيو ته سمجهه کان ٻاهر آهي ته نئون وڏو وزير چونڊڻ ۾ ايتري جلدبازي ڇو ڪئي وئي۔ جيستائين استعيفيٰ منظور نٿي ٿئي، اڳوڻو وڏو وزير پنهنجو ڪم جاري رکي سگهي ٿو۔ اسپيڪر جي هدايت تي اسان ڪاغذ جمع ڪرايا پر اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو۔ گورنر جو خط ملڻ کان پوءِ خبر پئي ته استعيفيٰ اڃا منظور ئي ناهي ٿي۔جي يو آءِ اڳواڻ جو مطالبو آهي ته پهرين اڳوڻي وڏي وزير جي استعيفيٰ منظور ڪئي وڃي، پوءِ نئين وڏي وزير جي چونڊ ڪئي وڃي۔
