ڪراچي: بين الاقوامي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ سون جي قيمت تاريخ جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي۔فصيل موجب، پاڪستان ۾ سون جي قيمت نئون تاريخي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو، جتي في توله سون 4 لک 40 هزار رپين کان به وڌي ويو۔مقامي صرافا مارڪيٽن ۾ في توله سون جي قيمت ۾ 5800 رپيا اضافو ٿيو، جنهن بعد في توله سون 4 لک ي طرح، 10 گرام سون 4972 رپيا مهانگو ٿي 3 لک 78 هزار رپين تائين پهچي ويو۔ عالمي مارڪيٽ ۾ به سون جي قيمت ۾ نمايان اضافو ڏٺو ويو، جتي في اونس سون 58 ڊالر وڌي 4198 ڊالر جي سطح تي پهتو۔ان سان گڏ، چاندي جي قيمت ۾ به 90 رپين جو اضافو ٿيو، جنهن بعد في توله چاندي 5337 رپيا ۽ 10 گرام چاندي 77 رپيا وڌي 4575 رپيا ٿي وئي۔ عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس چاندي جي قيمت 52.50 ڊالر رڪارڊ ڪئي وئي۔ڪاروباري ماهرن موجب، ڊالر جي قيمت ۾ اتار چڙهاءُ، عالمي مارڪيٽ جي غير يقيني صورتحال ۽ سيڙپڪارن جي محفوظ سيڙپڪاري جي رجحان سبب سون جي قيمتن ۾ هيءَ تيزي آئي آهي۔واضح رهي ته سون کي روايتي طور محفوظ سيڙپڪاري سمجهيو وڃي ٿو، جنهن جي قيمت اڪثر سياسي يا معاشي غير استحڪام جي وقت وڌي ويندي آهي۔سون کي صدين کان ڪرنسي ۽ دولت جي علامت طور استعمال ڪيو پيو وڃي، جڏهن سيڙپڪار ٻين اثاثن بابت غير يقيني محسوس ڪندا آهن ته هو سون ۾ سيڙپڪاري ڪندا آهن۔ياد رهي ته پاڪستان ۾ گذريل سال سون جي قيمت جو تعين جو طريقو تبديل ڪيو ويو هو، جنهن تحت سون جي قيمت عالمي مارڪيٽ ريٽ کان 20 ڊالر في اونس وڌيڪ مقرر ڪئي وئي هئي۔
