— پنجاب حڪومت جي “ڌي راني پروگرام” جي ٽئين مرحلي جو باقاعدي آغاز ٿي ويو، جنهن تحت هر شادي ڪندڙ جوڙي کي اي ٽي ايم ڪارڊ ذريعي ٻه لک رپين جي سلامي ڏني وئي۔تفصيل موجب لاهور ۾ ٿيل تقريب دوران 130 مستحق نياڻين جي اجتماعي شاديون منعقد ٿيون، جن ۾ دولهن، ڏولهن، سندن گهر ڀاتين سان گڏ سياسي ۽ سماجي شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي۔پنجاب حڪومت طرفان هر جوڙي کي اي ٽي ايم ڪارڊ ذريعي ٻه لک رپين جي رقم ڏني وئي، جنهن سان شادي ڪندڙ گهرانن کي مالي سهائتا فراهم ڪئي وئي۔تقريب ۾ وزيرِ سماجي ڀلائي سهيل شوڪت بٽ خطاب ڪندي چيو ته “ڌي راني پروگرام” مستحق خاندانن لاءِ اميد جي هڪ نئين ڪرڻ آهي، حڪومت فلاحِي رياست جي وژن تحت عوامي ڀلائي جا منصوبا جاري رکندي۔هن چيو ته پنجاب حڪومت اجتماعي شادين جهڙا پروگرام آڻي، غريب ۽ ضرورت مند خاندانن جو بار گهٽائي رهي آهي۔سوشل ويلفيئر وزير ٻڌايو ته “ڌي راني پروگرام” جي پهرين ۽ ٻي مرحلي ۾ ٽي هزار کان وڌيڪ نياڻين جون شاديون ڪرايون ويون آهن، جڏهن ته هن سال پنج هزار کان وڌيڪ نياڻين جي شاديون ڪرائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي۔سرڪاري نمائندن جو چوڻ هو ته هي پروگرام نه رڳو مالي مدد فراهم ڪري ٿو، پر عورتن جي عزت، خودمختياري ۽ سماجي ڀلائي جي فروغ جو به عڪس آهي۔
