قذافي اسٽيڊيم ٽيسٽ: پاڪستان ڏکڻ آفريقا کي 93 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ برتري حاصل ڪري ورتي

قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستان ڏکڻ آفريقا کي 93 رنسن تان شڪست ڏئي ٻن ميچن جي سيريز ۾ هڪ–صفر جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي۔ميچ جي چوٿين ڏينهن ڏکڻ آفريقا جي بيٽسمين ريڪليئن ۽ ٽوني ڊي ذوزي اننگز شروع ڪئي، پر ڊي ذوزي شاهين شاهه آفريدي جي بال تي گذريل ڏينهن جي اسڪور ۾ بغير ڪنهن رنس جي اضافي آئوٽ ٿي ويو۔ان کان پوءِ نعمان علي شاندار بالنگ ڪندي ٽريسٽن اسٽبز ۽ ڊيوڊ بريوس کي پویلين موڪلي ڇڏيو، جڏهن ته ساجد خان ڏکڻ آفريقا جي سيٽ بيٽر ريان ريڪليٽن کي 45 رنسن تي ڪيچ آئوٽ ڪرائي ڇڏيو۔شاهين شاهه آفريدي شاندار اسپيل ۾ وريني، سبراين ۽ آخري بيٽر کي بولڊ ڪري ميچ پاڪستان جي حق ۾ ڪري ڇڏيو۔ٻئي اننگز ۾ نعمان علي ۽ شاهين شاهه آفريدي 4-4 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، جڏهن ته 2 وڪيٽون ساجد خان جي حصي ۾ آيون۔ نعمان علي ميچ ۾ گڏيل طور تي 10 وڪيٽون حاصل ڪري شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري۔ياد رهي ته ٽئين ڏينهن ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم پنهنجي پهرين اننگز ۾ 269 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي هئي، جڏهن ته پاڪستان پهرين اننگز ۾ 378 رنسون ٺاهي برتري حاصل ڪئي هئي۔

پنھنجي راءِ لکو