لاڙڪاڻو: گهريلو تڪرار تان مڙس زال کي ڪهاڙيون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻو شهر جي رحمت پور ٿاڻي جي حد ڳوٺ جڙيو چانڊيو ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي مڙس پنهنجي زال نصيبا ڏيٿو کي گهريلو اڻبڻت تان ڪهاڙيون هڻي قتل ڪري ڇڏيو۔واقعي بعد جوابدار جاءِ تان ٻار کڻي فرار ٿي ويو۔ پوليس اطلاع تي پهچي لاش کڻائي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو۔مقتولا عورت جي امڙ ڪلثوم ڏيٿو جو چوڻ هو ته منهنجي ڌيءَ کي سندس مڙس اياض ڏيٿو گهريلو تڪرار تان قتل ڪيو ۽ منهنجي ننهن کي پڻ زخمي ڪيو آهي۔ڪلثوم ڏيٿو مطالبو ڪيو ته قاتل کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي۔پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو گهريلو اڻبڻت تان پيش آيو آهي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي۔

پنھنجي راءِ لکو