معاشي استحڪام ڏانهن اهم قدم: پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدو طئي ٿي ويو

اسلام آباد — پاڪستان کي معاشي محاذ تي وڏي ڪاميابي ملي آهي، جتي عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) توسيعي فنڊ سهولت (EFF) جي تحت پاڪستان سان 1.2 ارب ڊالر جي قرض پروگرام تي اسٽاف ليول معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي۔معاهدي تي حتمي فيصلو هاڻي آءِ ايم ايف جي ايگزيڪٽو بورڊ جي منظوري سان مشروط آهي، جنهن کان پوءِ پاڪستان کي اها رقم جاري ڪئي ويندي۔ آءِ ايم ايف جي جاري ڪيل پڌرائي موجب پاڪستان جو معاشي استحڪام لاڳيتو بهتر ٿي رهيو آهي، مارڪيٽ جو اعتماد بحال ٿيو آهي، ۽ 14 سالن کان پوءِ ڪرنت اڪائونٽ سرپلس ۾ آيو آهي۔اداري موجب مالي سال 2025 ۾ پاڪستان جو مالي توازن پروگرام حدف کان بهتر رهيو۔ آءِ ايم ايف حڪومت طرفان توانائي، مالي نظم وضبط ۽ ساختي اصلاحات جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي ارادن جو اعتراف ڪندي چيو ته ماحولي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ جامع پاليسين تي تسلسل سان عمل ضروري آهي، خاص طور تي تازين ٻوڏن جي تناظر ۾ جن ۾ لکين ماڻهو متاثر ٿيا ۽ هڪ هزار کان وڌيڪ فوتگيون ٿيون۔ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب معاهدي جي تصديق ڪندي چيو ته آءِ ايم ايف مشن سان تعميري ڳالهيون جاري رهيون ۽ اهو معاهدو پاڪستان جي معيشت لاءِ ڀروسي جي نشاني آهي۔هن ٻڌايو ته 7 ارب ڊالر جي EFF پروگرام ۽ 1.4 ارب ڊالر جي Resilience and Sustainability Trust (RST) تي به جائزي جو امڪان آهي۔سينيٽر اورنگزيب ٻڌايو ته پاڪستان هلندڙ سال جي پڄاڻي کان اڳ پهريون گرين پانڊا بانڊ جاري ڪندو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ارب ڊالر جو بانڊ ايندڙ سال جاري ڪرڻ جو امڪان آهي۔ هن چيو ته يورو، ڊالر ۽ سڪوڪ بانڊز سميت سمورا آپشن غور هيٺ آهن۔وزيرِ ناڻو وڌيڪ چيو ته حڪومت جو نجڪاري پروگرام ايندڙ مالي سال ۾ تيزي سان اڳتي وڌندو، جنهن ۾ قومي ايئر لائين پي آءِ اي ۽ ٽن بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين جي وڪرو بابت به نمايان اڳڀرائي ٿي آهي۔هن چيو ته يورپ ۽ برطانيه لاءِ اڏامن جي بحالي کان پوءِ پنج عالمي گروپن پي آءِ اي ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي، جيڪو ملڪ لاءِ هڪ مثبت سگنل آهي۔

پنھنجي راءِ لکو