لنڊن (ايجنسيز) — امن جو نوبيل انعام ماڻيندڙ ۽ سماجي ڪارڪن ملاله يوسفزئي اعتراف ڪيو آهي ته برطانيه ۾ تعليم دوران هن منشيات (ويڊ) استعمال ڪئي، جنهن کان پوءِ سندس حالت سخت خراب ٿي وئي ۽ طالبان جي حملي جون يادون ٻيهر ذهن ۾ تازي ٿي ويون.برطانوي اخبار جي رپورٽ موجب ملاله يوسفزئي پنهنجي نئين يادداشت تي ٻڌل ڪتاب “فائنڊنگ مائي وي” (Finding My Way) ۾ ان انڪشاف جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو 21 آڪٽوبر 2025 تي شايع ڪيو ويندو۔ ڪتاب ۾ ملاله پنهنجي زندگي جا مختلف رخ، تڪليفون ۽ ذهني چيلينجز بيان ڪيا آهن۔ملاله ٻڌايو ته آڪسفورڊ يونيورسٽي دوران هڪ رات هوءَ پنهنجي دوست انيسه سان گڏ هڪ شيڊ ۾ وئي، جتي ٻه ڇوڪرا نشو ڪري رهيا هئا۔ ميز تي رکيل هڪ شيشي جو اوزار استعمال ڪندي هوءَ به ويڊ (Weed) پي وئي، جنهن کان پوءِ سندس جسم ڏڪڻ لڳو ۽ هوءَ صدمي ۾ هلي وئي۔ملاله مطابق:”نشي کان پوءِ مون کي الٽيون ٿيڻ لڳيون، منهنجو ذهن سن ٿي ويو، مان ماضي ۾ واپس هلي ويس۔ مون کي لڳو جيئن مان 15 سالن جي عمر ۾ سوات جي اسڪول واري بس ۾ ويٺي هجان ۽ طالبان جو هٿياربند ماڻهو منهنجي سامهون بيٺو هجي۔”هن چيو ته هوءَ هلڻ کان لاچار ٿي وئي، کيس ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي ٿي، ۽ اهو احساس ٿيو ته سندس ڳلي ۾ ڪا شيءَڦاسي وئي آهي، بلڪل اهڙي طرح جيئن ڪوما دوران اسپتال ۾ ٽيوب لڳل هئي۔ملاله ٻڌايو ته انيسه کيس هاسٽل ۾ آندو، جتي هوءَ فرش تي ڪري پئي، سڄي رات خوف ۾ گذاري ۽ کيس لڳو ته جيڪڏهن اکيون بند ڪنديس ته مري ويندس۔”مان پنهنجي چهري تي ٿڦڙون هڻندي رهيس ته جيئن جاڳندي رهان، صبح تائين ڪجهه بهتر ٿيس پر ڪجهه ڏينهن تائين انهي صدمي مان نه نڪري سگهيس۔”هن ڪتاب ۾ ملاله ان واقعو کي پنهنجي ذهني ۽ نفسياتي سفر جو هڪ اهم موڙ قرار ڏنو آهي، جنهن کيس پنهنجيماضي جا ڏک ياد ڏياريا پر ساڳئي وقت کيس پنهنجي پاڻ کي سمجهڻ ۽ مضبوط بڻجڻ جو نئون سبق به ڏنو۔
