پريالوءِ جي ڪچي واري علائقي ۾ نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ناريجا برادري جا ٻه نوجوان قتل ٿي ويا، علائقي ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ ڇانئجي ويو۔تفصيل موجب، فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڄامڙا وٽ ڍنڍ جي ڀر ۾ صبح سوير نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ سراج احمد پٽ انور عالماڻي ناريجو ۽ اسلم ولد غلام سرور ناريجو موقعي تي ئي فوت ٿي ويا۔واقعي جي اطلاع تي فيض محمد ٻنڊو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيا، جتي ضروري قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا۔پوليس موجب، فائرنگ جو سبب اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته جاچ شروع ڪئي وئي آهي۔
