ڪراچي ۾ سينٽرل جيل مان آزادي ماڻيندڙ شخص کي جيل جي ٻاهران ئي فائرنگ ۽ ڇري جا وار ڪري قتل ڪيو ويو.پوليس موجب مقتول جي سڃاڻپ امير بخش جي نالي سان ٿي آهي، جيڪو جيل مان آزاد ٿيڻ کان ٿوري ئي دير پوءِ نامعلوم هٿياربندن جي حملي ۾ مارجي ويو۔پوليس جو چوڻ آهي ته امير بخش جو تعلق لاڙڪاڻي سان هو ۽ هن پيار جو پرڻو ڪيو هو، جڏهن ته سندس مخالفن کي اڳواٽ ئي ڄاڻ هئي ته هو آزاد ٿي رهيو آهي، تنهنڪري اهي پهريان ئي لڪي ويٺل هئا۔ جيئن ئي امير بخش جيل مان ٻاهر نڪتو، ته ڪجهه قدم جي فاصلي تي هن تي فائرنگ ۽ ڇري سان حملو ڪيو ويو، جنهن سبب هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو۔ٻئي طرف گڏاپ واري علائقي ۾ هڪ بنگلي مان نوجوان جو ڦاهو لڳل لاش مليو، جنهن جي سڃاڻپ اڃا تائين نه ٿي سگهي آهي۔ پوليس جو چوڻ آهي ته معاملو قتل جو آهي يا خودڪشي جو، ان بابت جاچ جاري آهي۔ وڌيڪ حقيقتون سامهون اچڻ تي ڪارروائي ڪئي ويندي۔
