خيبرپختونخواهه ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪامياب ڪارروايون، ڀارتي حمايت يافته 34 دهشتگرد مارجي ويا

(آ سيڪيورٽي فورسز پاران 13 کان 15 آڪٽوبر تائين خيبرپختونخواهه جي مختلف ضلعن ۾ ڪيل ڪامياب ڪاررواين دوران ڀارتي حمايت يافته فتنته الخوارج تنظيم جا 34 دهشتگرد مارجي ويا۔آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب، اتر وزيرستان جي علائقي اسپن وام ۾ دهشتگردن جي موجودگي بابت اطلاع تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي موثر انداز ۾ نشانو بڻايو۔ سخت فائرنگ جي ڏي وٺ بعد 18 دهشتگرد مارجي ويا۔بيان موجب، ڏکڻ وزيرستان ۾ به هڪ الڳ ڪارروائي ڪئي وئي، جتي فائرنگ جي ڏي وٺ دوران وڌيڪ 8 دهشتگرد هلاڪ ٿيا۔ان کان پوءِ بنون ضلعي ۾ به سيڪيورٽي فورسز ڪامياب آپريشن ڪندي 8 وڌيڪ دهشتگردن کي انجام تائين پهچايو۔آءِ ايس پي آر مطابق، علائقي ۾ ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن خلاف ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، ۽ فورسز ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو مشن جاري رکنديون۔


پنھنجي راءِ لکو