شهيدادپور ڀرسان لاشاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران فائرنگ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو جڏهن ته ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا.تفصيل موجب مِلدسي روڊ تي ڳوٺ وليو خان لاشاري ۾ لاشاري برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ سڱاوتي تڪرار تان تڪرار شدت اختيار ڪري ويو، جنهن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ ظهور احمد لاشاري موقعي تي مارجي ويو، جڏهن ته علي امان، ڏاڙهون ۽ امير علي زخمي ٿي پيا.فوتي ۽ زخمين کي سِمس اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان زخمين کي ابتدائي طبي امداد ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو.اسپتال ۾ فوتي جي وارثن جو چوڻ هو ته هڪ سال اڳ ظهور لاشاري جو پٽ جبار لاشاري ڪورٽ ۾ پسند جو پرڻو ڪيو هو، جنهن سبب برادري جا ڪجهه ماڻهو ناراض هئا، جن اڄ اسان جي گهرن تي حملو ڪيو.وارثن الزام هنيو ته حملي دوران نه رڳو فائرنگ ڪري هڪ ڄڻي کي قتل ڪيو ويو ۽ ٽي زخمي ڪيا ويا، پر اسان جي عورتن کي به اغوا ڪيو ويو آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان انصاف ۽ جوابدارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو.
