مالاڪنڊ ۾ سوات موٽر وي تي دل ڏکائيندڙ حادثي ۾ خانه بدوشن جو ٽرڪ اُلٽي پئي وڃڻ سبب عورتن ۽ ٻارن سميت 15 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 6 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.ابتدائي رپورٽن موجب حادثو سوات موٽر وي ٽنل نمبر 3 جي ڀرسان پيش آيو، جتي تيز رفتاري سبب ٽرڪ ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري کاهي ۾ ڪري پئي. فوتي سمورا ماڻهو هڪ ئي خاندان جا ٻڌايا پيا وڃن.ريسڪيو 1122 مالاڪنڊ موجب حادثي ۾ فوت ۽ زخمي ٿيلن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ۽ موٽر وي پوليس جا اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون.زخمين ۽ لاشن کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال بٽخيله منتقل ڪيو ويو آهي، جتي زخمين مان ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.ذريعن موجب حادثي جو شڪار ٿيل سمورا ماڻهو خانه بدوش هئا، جن جو تعلق سوات جي تعلقي بحرين سان ٻڌايو پيو وڃي. پوليس جي شروعاتي جاچ موجب حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، جڏهن ته وڌيڪ سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ جاري آهي.
