”پشاور هاءِ ڪورٽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي کي 18 نومبر تائين حفاظتي ضمانت ڏئي ڇڏي.“

— پشاور هاءِ ڪورٽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي کي 18 نومبر تائين حفاظتي ضمانت ڏئي ڇڏي آهي ۽ پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته هن کي گرفتار نه ڪيو وڃي۔رپورٽ موجب، سهيل آفريدي جي درخواست تي ٻڌڻي جسٽس اعجاز انور ۽ جسٽس نعيم انور تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪئي۔ ٻڌڻي دوران جسٽس اعجاز انور، ايڊووڪيٽ جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا درخواستگذار خلاف ڪا ايف آءِ آر داخل آهي؟ جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل جواب ڏنو ته “اسان کي معلوم ناهي، ٿي سگهي ٿو ته منهنجي خلاف به ڪا ايف آءِ آر هجي.”عدالت سهيل آفريدي کي 18 نومبر تائين حفاظتي ضمانت ڏئي ڇڏي، جڏهن ته کيس گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم پڻ جاري ڪيو۔ياد رهي ته سهيل آفريدي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان سان راولپنڊي ۾ ملاقات ڪرڻ لاءِ روانو ٿيڻ وارو هو، جنهن لاءِ هن حفاظتي ضمانت جي درخواست داخل ڪئي هئي۔ عدالت کان ضمانت حاصل ڪرڻ بعد، هو اڊياله جيل روانو ٿي ويو۔اڊياله روانگي کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي سهيل آفريدي چيو ته:”عمران خان سان ملاقات ڪندس، جيڪي ملاقات ۾ رنڊڪ وجهندا آهن، انهن کي احساس ٿيڻ گهرجي ته صوبي جو وڏو وزير آهي۔ عمران خان جي جيل وڃڻ کان پوءِ ڪا ملاقات نه ٿي، ڪابينه بابت ڪجهه به فائنل ناهي ٿيو، سڀ فيصلو عمران خان جي منظوري سان ٿيندو۔”

پنھنجي راءِ لکو