— پنجاب حڪومت طرفان رياستي رِٽ ۽ قانون جي بالادستي قائم ڪرڻ لاءِ اهم ۽ تاريخي فيصلا ڪيا ويا آهن۔تفصيل موجب وزيراعليٰ پنجاب مريم نوازشريف جي صدارت هيٺ امن و امان بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پنجاب حڪومت وفاقي حڪومت کي انتهاپسند جماعت تي پابندي لاڳو ڪرڻ جي سفارش ڪندي۔اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو ته نفرت، اشتعال انگيزي ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ۾ ملوث ماڻهن کي فوري گرفتار ڪيو ويندو، جڏهن ته پوليس آفيسرن جي شهادت ۽ سرڪاري ملڪيتن جي تباهي ۾ ملوث اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف دهشتگردي جي عدالتن ۾ ڪيس هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو۔انتهاپسند جماعت جي قيادت کي دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ جي فورٿ شيڊول ۾ شامل ڪيو ويندو، جڏهن ته جماعت جون ملڪيتون ۽ اثاثا اوقاف کاتي حوالي ڪيا ويندا۔ ان سان گڏ پوسٽرز، بينرز ۽ اشتهارن تي مڪمل پابندي هوندي۔اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته انتهاپسند جماعت جا سوشل ميڊيا ۽ بينڪ اڪائونٽس منجمند ڪيا ويندا، جڏهن ته لائوڊ اسپيڪر ايڪٽ جي ڀڃڪڙي تي سخت ترين ڪارروائي ڪئي ويندي۔ان کان علاوه پنجاب حڪومت مذهبي جماعت جي احتجاج دوران گرفتار جوابدارن جي ڪيسن جي مؤثر پيروي لاءِ ٻن سينيئر وڪيلن کي اسپيشل پراسيڪيوٽر مقرر ڪيو آهي۔سيڪريٽري پراسيڪيوشن جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب راڻا شڪيل احمد خان ۽ چوڌري خالد رشيد کي اسپيشل پراسيڪيوٽر مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪي دهشتگردي جي عدالتن ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ حڪومت جي نمائندگي ڪندا۔
