راولپنڊي ڪرڪيٽ ميچز لاءِ خاص ٽرئفڪ پلان جاري رستا جزوي طور بند رکيا ويندا

راولپنڊي: پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جي وچ ۾ راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽينيم ۾ ٿيندڙ ميچز لاءِ ٽرئفڪ پوليس طرفان خاص ٽرئفڪ پلان جاري ڪيو ويو آهي، جيڪو 20 کان 24 آڪٽوبر تائين رستن جي بندش سان لاڳاپيل آهي. ٽرئفڪ پوليس جي ترجمان موجب 367 کان وڌيڪ آفيسرن ۽ اهلڪارن کي ڊيوٽيءَ تي مقرر ڪيو ويو آهي، ۽ ٽيمز جي نقل وحرڪت دوران ٽرئفڪ کي متبادل رستن تي منتقل ڪيو ويندو. اسلام آباد کان ايندڙ ٽرئفڪ کي فيض آباد کان ايڪسپريس وي ڏانهن موڙيو ويندو، جڏهن ته راولپنڊي کان اسلام آباد وڃڻ واري ٽرئفڪ کي سکٿ روڊ ذريعي سيدپور طرف روانو ڪيو ويندو. ميچ دوران اسٽينيم روڊ نائينٿ ايونيو چوڪ کان ڊبل روڊ تائين بند رهندو، جڏهن ته نائينٿ ايونيو جي ذريعي اسلام آباد کان ايندڙ شهري آءِ جے پي روڊ ۽ فيض آباد جا روٽ استعمال ڪري سگهن ٿا. ٽرئفڪ سي ايس او موجب ڪرڪيٽ جي شوقينن لاءِ سول ايويئيشن گرائونڊ، شهباز شريف پارڪ ۽ گريجوئيٽ ڪاليج ۾ ٽن پارڪنگ پوائنٽن جو انتظام ڪيو ويو آهي. شائقين جي سهولت لاءِ پارڪنگ ايريا کان اسٽينيم تائين شٽل سروس پڻ فراهم ڪئي ويندي ته جيئن عوام کي ڪنهن به تڪليف جو منهن نه ڏيڻو پوي.

پنھنجي راءِ لکو