فرانس: ڊاڪو سپر مارڪيٽ لٽي پوليس جو انتظار ڪرڻ لڳو، سبب ٻڌي سڀ حيران ٿي ويا

فرانس جي علائقي سِينٽ روز (گواڊي لوپ) ۾ هڪ انوکو واقعو پيش آيو، جتي 60 سالن جي عمر رکندڙ شخص سپر مارڪيٽ لٽڻ بعد پاڻ پوليس جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو۔ غير ملڪي ميڊيا جي رپورٽن موجب اهو واقعو سيپٽمبر جي آخر ۾ پيش آيو، جڏهن هڪ اڳوڻو فائر فائٽر، جنهن جو ڪو به ڏوھاري رڪارڊ نه هو، منهن تي ڪارو نقاب ٻڌي ۽ هٿ ۾ هٿيار کڻي هڪ سپر مارڪيٽ ۾ داخل ٿيو، جيڪا مقامي ٿاڻي جي ويجهو واقع هئي۔رپورٽن موجب هن شخص ڪائونٽر تان رقم گهري، هڪ ٽڪرو پنير ۽ شراب جي بوتل ورتي ۽ پوءِ آرام سان پنهنجي گاڏي ڏانهن ويو، جتي پاڻ کي گرفتار ڪرائڻ لاءِ پوليس جو انتظار ڪرڻ لڳو۔ تحقيقات دوران معلوم ٿيو ته هن جو مقصد مالي فائدو حاصل ڪرڻ نه هو، پر پنهنجي جيل ۾ قيد نوجوان پوٽي جي مدد ڪرڻ هو، جنهن کي ٻين قيدين سخت تشدد جو نشانو بڻايو هو۔عدالت ۾ هن شخص مٿان مسلح ڦر، سنگين حملو ۽ بغاوت جا الزام مڙهيل هئا، جيڪي هن قبول ڪري ورتا۔ پر عدالت سندس نيت کي انساني همدردي جي طور تي ڏسي عام سزا، جيڪا 3 کان 5 سال تائين ٿي سگهي ٿي، نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو۔ عدالت حڪم ڏنو ته هو ڦرلٽ جي متاثرن کي معاوضو ادا ڪري ۽ آئيندي ان سپر مارڪيٽ جي ويجهو نه وڃي۔

پنھنجي راءِ لکو