ٽي پي ايل جو پُرتشدد احتجاج گرفتار ملزمان جي تعداد 624 ٿي وئي

لاهور: پنجاب ۾ مذهبي جماعت خلاف ڪيريڪ ڊائون دوران گرفتار ڪيل ملزمان جي تعداد 624 تائين پهچي وئي آهي، جن کي اي، بي ۽ سي ڪيٽيگري ۾ ورهائي گرفتار ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب لاهور سميت پنجاب جي مختلف علائقن ۾ مذهبي جماعت خلاف ڪيريڪ ڊائون جاري آهي، جنهن ۾ گرفتار ڪيل افراد جو انگ وڌي 624 ٿي ويو آهي. پوليس اختيارين موجب صوبي ۾ پنج هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن تي اشتعال انگيزي، پرتشدد احتجاج ۽ ٽوڙ ڦوڙ ۾ ملوث هجڻ جا الزام آهن. ذريعن موجب ملزمان کي ٽي ڪيٽيگريون اي، بي ۽ سي ۾ ورهائي گرفتار ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته سڌو سنئون تشدد ۽ ٽوڙ ڦوڙ ۾ ملوث ماڻهن جي نشاندهي سي سي ٽي وي ۽ ٻين وڊيو فوٽيجز ذريعي ڪئي پئي وڃي. سي سي پي او لاهور بلال صديق ڪميانه چيو ته مذهبي جماعت جي هڙتال ڪال تي پوليس سخت حفاظتي قدمن تي عمل پيرا هئي، پر اڄ سڀني مارڪيٽن ۽ دڪانن کي معمول مطابق کولڻ ڏنو ويو. هن واضح ڪيو ته ڪنهن کي زبردستي ڪاروبار بند ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ اهڙي ڪنهن به ڪوشش خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. بلال صديق ڪميانه چيو ته احتجاج جي آڙ ۾ غير قانوني سرگرمين جي اجازت نه ڏني ويندي، دفعه 144 جي خلاف ورزي تي قانوني ڪارروائي عمل ۾ ايندي، ۽ شهرين جي جان، مال ۽ ملڪيت جو تحفظ لاهور پوليس جي ذميواري آهي. سي سي پي او لاهور خبردار ڪيو ته نفرت انگيز تقريرون، مواد ۽ لائوڊ اسپيڪر جي غلط استعمال تي قانون ڪارروائي ڪندو، ۽ سوشل ميڊيا تي غلط معلومات ۽ افواهن جي پکڙجڻ وارن خلاف پڻ سخت قدم کنيا ويندا.

پنھنجي راءِ لکو