اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي قائمہ ڪاميٽي براءِ گورنمينٽ اشورنسز جي اجلاس دوران پي آءِ اي جي ڀاڙن ۾ واڌ تي ميمبرن شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، اجلاس چيئرپرسن سينيٽر نزھت صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جتي توانائي، مواصلات، اطلاعات ۽ پارليماني معاملن جي وزارتن جا عملدار شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ گئس جي فراهمي، ايل پي جي سلينڊرن جي معيار، ۽ موٽر ويز تي وڌيڪ ڀاڙن بابت تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. رڪن قومي اسيمبلي شگفتہ جماني چيو ته ڪراچي کان اسلام آباد پي آءِ اي جي ون-وے ٽڪيٽ 60 هزار رپين کان گهٽ ناهي، جيڪڏهن مان غلط چوان ته مون تي لعنت، ۽ هن وڌيڪ چيو ته مون پي آءِ اي سان سفر ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي ڇاڪاڻتہ هاڻ اهو برداشت نٿو ڪري سگهجي. ان موقعي تي پي آءِ اي جي عملدارن وضاحت ڪئي ته اوسط ڀاڙو 25 هزار کان 27 هزار رپيا آهي. اجلاس دوران موٽر ويز تي ميڊيڪل سهولتن جي کوٽ تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، جتي چيئرپرسن چيو ته ايمرجنسي جي حالت ۾ بيسڪ ۽ لائف سيوِنگ دوائون ڪائونٽرن تي هجڻ گهرجن، ۽ لاڳاپيل ادارن کي فوري اپاءُ وٺڻ جي هدايت ڪئي. ساڳئي وقت، اين ايڇ اي جي اختيارن ۽ ذميوارين بابت به سوال اُٿاريا ويا، جتي ميمبرن چيو ته جيڪڏهن عوام کان ٽول ٽيڪس ورتو وڃي ٿو ته انهن کي سهولتون فراهم ڪرڻ اين ايڇ اي جي ذميواري آهي، ۽ ڪاميٽي اين ايڇ اي کان آمدني، ٺيڪن ۽ قيمتن جي فرق بابت وضاحت طلب ڪئي.
