ڪراچي: پاڻي جي فراهمي جي بحالي بابت اهم خبر سامهون آئي آهي، جتي مرمتي ڪم مڪمل ٿيڻ باوجود اڃا تائين پاڻي جي سپلائي بحال نه ٿي سگهي، واٽر ڪارپوريشن موجب نارتھ ايسٽ پمپنگ اسٽيشن جي ٻن هنڌن ۽ ڌابيجي ۾ پاڻي جي پائپ لائين جو مرمتي ڪم رات هڪ وڳي مڪمل ڪيو ويو، پر 12 ڪلاڪ گذرڻ باوجود متاثر علائقن ۾ پاڻي فراهم نه ٿي سگهيو، گلستانِ جوهر، گلشنِ اقبال، صفورا، لياقت آباد، نارتھ ناظم آباد، ناظم آباد، گلبرگ ۽ فيڊرل بي ايريا سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ پنجين ڏينهن به پاڻي جي بندش برقرار آهي، جنهن سبب شهرين کي شديد تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو آهي، واٽر ڪارپوريشن موجب ٽن هائڊرنٽن – نيپا، صفورا ۽ سخي حسن – تي پاڻي جي فراهمي بحال ڪئي وئي آهي ته جيئن شهري ٽئنڪر ذريعي عارضي طور پاڻي حاصل ڪري سگهن، ترجمان واٽر ڪارپوريشن جو چوڻ آهي ته مرمتي ڪم مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پاڻي جي نظام کي تدريجي طور تي بحال ڪيو پيو وڃي ۽ اميد آهي ته ڏهين واري ٽئين وڳي تائين متاثر علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي شروع ٿي ويندي.
