خيبرپختونخواهه جي ضلعي اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز فتنته الخوارج جي دهشتگردن جو بزدلاڻو آپگهاتي حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو، جنهن دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهنتہ بدقسمتي سان 3 عورتون ۽ 2 ٻار به فوت ٿي ويا.سيڪيورٽي ذريعن موجب دهشتگردن کهادي پوسٽ تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سيڪيورٽي فورسز جي بروقت ڪارروائيءَ سبب وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيڻ کان بچي ويو. ذريعن ٻڌايو ته خارجي گل بهادر گروپ، جيڪو افغان طالبان جي سرپرستي ۾ افغانستان ۾ لڪل آهي، حملو ڪرڻ جي ذميواري قبول ڪئي آهي.سيڪيورٽي فورسز جو چوڻ آهي ته دهشتگرد ناڪامي کان پوءِ معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پر فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهن.انهيءَ سان گڏ گذريل رات بنون ۾ به دهشتگردن طرفان بارودي مواد سان ڀريل رڪشه ذريعي چوڪي تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جيڪا پوليس جوانن ناڪام بڻائي ڇڏي. فائرنگ کان پوءِ رڪشه ڌماڪي سان ڦاٽي پئي، نتيجي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهنتہ پوليس اهلڪار محفوظ رهيا۔
