ڪراچي: لياقت آباد ۽ ملير ۾ تيز رفتار ٽرڪن موٽر سائيڪل سوارن کي چيڀاٽي ڇڏيو، 2 ڄڻا فوت، 3 زخمي

ڪراچي — لياقت آباد ۽ ملير ماڊل ڪالوني ۾ ٻن ڌار ڌار حادثن ۾ تيز رفتار ٽرڪن موٽر سائيڪل سوارن کي چيڀاٽي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ ٽي زخمي ٿي پيا۔پهريون حادثو لياقت آباد زينت اسڪوائر پيٽرول پمپ ڀرسان پيش آيو، جتي تيز رفتار ٽرڪ موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو، نتيجي ۾ 37 ورهين جو صابر نالي نوجوان فوت ٿي ويو۔ ايڌي رضاڪارن لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو، جتي مقتول جي سڃاڻپ ٿي۔ صابر لياقت آباد ايف سي ايريا جو رهواسي ۽ ٻن ٻارن جو پيءُ هو، جيڪو گهر ڀرسان ئي ڪم تي وڃي رهيو هو۔حادثي کان پوءِ مڇريل ماڻهن ٽرڪ تي پٿراءُ ڪري شيشا ڀڃي باهه ڏئي ڇڏي، جنهن سبب ناظم آباد کان لياقت آباد ڏانهن ويندڙ روڊ تي بدترين ٽريفڪ جام ٿي ويو۔ پوليس ۽ فائر برگيڊ واقعي واري هنڌ پهچي صورتحال تي ضابطو آندو۔ پوليس موجب حادثي جو ذميوار ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو، جنهن جي ڳولا جاري آهي۔ٻيو حادثو ملير ماڊل ڪالوني ڀرسان پيش آيو، جتي ٽرڪ موٽر سائيڪل سوارن کي چيڀاٽي ڇڏيو، نتيجي ۾ ٽي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا۔ زخمين کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هڪ ڄڻو زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو۔حادثي کان پوءِ مڇريل ماڻهن ٽرڪ تي پٿراءُ ڪري شيشا ۽ لائٽون ڀڃي ڇڏيون، جنهن سبب رستن تي وڏو ٽريفڪ جام ٿي ويو۔ عوام ڊرائيور کي پڪڙي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو۔ ڇيپا موجب فوتي جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، جڏهن ته زخمين ۾ 45 ورهين جو معشوق علي ۽ 19 ورهين جو مستقيم شامل آهن۔ايس ايڇ او ماڊل ڪالوني شوڪت اعواڻ ٻڌايو ته پوليس جي بروقت ڪارروائي سبب ٽرڪ کي باهه ڏيڻ کان بچايو ويو ۽ ٽرڪ کي قبضي ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪيو ويو۔ گرفتار ڊرائيور جي سڃاڻپ ثروت نالي شخص طور ٿي آهي، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي۔

پنھنجي راءِ لکو