پوليو کان بچاءُ واري قومي مهم پنهنجي آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي ۽ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اها مهم ڀرپور انداز ۾ جاري آهي۔نيشنل اي او سي (Emergency Operations Center) موجب مهم جي شروعاتي ڇهن ڏينهن دوران 4 ڪروڙ 37 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويا آهن۔رپورٽ موجب پنجاب ۾ 2 ڪروڙ 30 لک، سنڌ ۾ 1 ڪروڙ 4 لک، خيبرپختونخواهه ۾ 61 لک 67 هزار ۽ بلوچستان ۾ 25 لک 84هزار ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويا۔ان کان علاوه اسلام آباد ۾ 4 لک 66 هزار، گلگت بلتستان ۾ 2 لک 94 هزار ۽ آزاد ڪشمير ۾ 7 لک 33 هزار ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويا۔نيشنل اي او سي جي ترجمان چيو ته پوليو کان پاڪ پاڪستان لاءِ والدين ۽ سرپرستن جو ڪردار انتهائي اهم آهي، ڇو ته قوم جي مستقبل کي هن موذي مرض کان بچائڻ هر شهري جي قومي ذميواري آهي۔
