پاڪستان جو پهريون هائپر اسپيڪٽرل سيٽلائيٽ HS-1 ڪاميابي سان چين سان گڏ خلا ۾ روانو ٿي پنهنجي مدار ۾ داخل ٿي ويو آهي۔تفصيل موجب سپارڪو (SUPARCO) طرفان HS-1 جي ڪامياب لانچ جو اعلان ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ سيٽلائيٽ ڪاميابي سان پنهنجي مدار ۾ پهچي ويو۔هي جديد هائپر اسپيڪٽرل سيٽلائيٽ زمين، سبزين، پاڻي ۽ شهري علائقن جو تفصيلي تجزيو ڪندو، ۽ سوين اسپيڪٽرل بينڊز ۾ انتہائی درست تصويرون حاصل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو۔ ماهرن موجب HS-1 سان زرعي منصوبه بندي، ماحولياتي نگراني ۽ وسيلن جي سڃاڻپ ۾ انقلاب ايندو۔چيئرمين سپارڪو محمد يوسف خان قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان جي حڪومت جي مڪمل حمايت سان قومي منصوبو ڪاميابي سان مڪمل ٿيو آهي۔ هن چيو ته HS-1 ذريعي فصلن، مٽي ۽ پاڻي جي معيار جي درست نگراني ممڪن ٿيندي، جڏهن ته اهو ٻيلي جي ڪٽائي، آلودگي، ۽ گليشيئر پگهرجڻ جي مانيٽرنگ ۾ به مددگار ثابت ٿيندو۔هن وڌيڪ چيو ته HS-1 سي پيڪ منصوبي ۾ جغرافيائي خطرن جي نشاندهي ۽ انفراسٽرڪچر جي حفاظت ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، جنهن سان پاڪستان ۽ چين جي خلائي تعاون جو نئون باب کوليو ويو آهي۔چيئرمين سپارڪو جو چوڻ هو ته هي ڪاميابي پاڪستان جي خلائي ٽيڪنالاجي ۾ پاڻ ڀاڙڻ ۽ پائيدار ترقي طرف هڪ مضبوط قدم آهي۔ سپارڪو ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار وڌيڪ فعال بڻائي رهيو آهي۔هن ٻڌايو ته HS-1 پاڪستان طرفان هن سال خلا ۾ اماڻيل ٽيون سيٽلائيٽ آهي، ۽ سيٽلائيٽ پنهنجي مخصوص مدار ۾ داخل ٿي چڪو آهي۔ ابتدائي ٽيسٽنگ لاءِ ٻه مهينا لڳي سگهن ٿا، جنهن کان پوءِ سيٽلائيٽ مڪمل طور تي فعال ٿي ويندو۔
