دفاع واري وزير خواجه آصف پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ جنگبندي معاهدي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ٻئي پاڙيسري ملڪ هڪ ٻئي جي سرزمين جو احترام ڪندا ۽ دهشتگردي جي هر صورت کي برداشت نه ڪيو ويندو۔قطر جي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ جنگبندي تي اتفاق قطر ۽ ترڪيه جي ٽياڪڙي هيٺ ٿيو آهي۔ ٻنهي ملڪن ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ وڌيڪ ملاقاتون ڪرڻ ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ هڪ مستقل مڪينزم تي ڪم ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو آهي۔ان کان پوءِ دفاع واري وزير خواجه آصف، جيڪو پاڪستاني وفد جي سربراهي ڪري رهيو هو، ايڪس تي بيان جاري ڪندي تصديق ڪئي ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ سيز فائر جو معاهدو طئي ٿي ويو آهي۔هن چيو ته پاڪستان جي زمين تي افغانستان مان دهشتگردي جو سلسلو فوري طور بند ٿيندو، ۽ ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي سرزمين جو احترام ڪندا۔ خواجه آصف وڌيڪ چيو ته 25 آڪٽوبر تي استنبول ۾ ٻنهي ملڪن جا وفد ٻيهر ملاقات ڪندا جتي باقي معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ٿينديون۔هن قطر ۽ ترڪيه جي ڪردار جي ساراهه ڪندي چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن امن جي بحالي لاءِ اهم ۽ مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي۔
