بلوچستان جي ضلعي پنجگور ۾ اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ سبب صوبائي اسيمبلي ميمبر رحمت صالح بلوچ جو ننڍو ڀاءُ وليد صالح بلوچ مارجي ويو. پنجگور پوليس موجب افسوسناڪ واقعو چتڪان علائقي ۾ پيش آيو جتي گهر جي ڀرسان نامعلوم ماڻهن فائرنگ ڪئيمقتول وليد صالح بلوچ نيشنل پارٽي جي اڳواڻ حاجي صالح محمد جو پٽ ۽ ضلعي پنجگور جي ڊسٽرڪٽ چيئرمين مالڪ صالح بلوچ جو پٽ هو.بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي واقعي جي رپورٽ طلب ڪئي آهي ۽ جوابدارن کي فوري گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته پوليس جاچ شروع ڪندي جوابدارن جي ڳولا ۾ مصروف آهي.
