جي يو آءِ(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان بکر ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته مدرسن خلاف پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي ۽ انهن کي ٽوڙڻ جي سازش پڻ ڪئي پئي وڃي. هن زور ڏنو ته اسلامي دنيا کي فلسطين لاءِ رڳو انتظار نه ڪرڻ گهرجي، ۽ فلسطيني پنهنجو ملڪ واپس وٺڻ جا حقدار آهن. مولانا فضل الرحمان چيو ته اسرائيل کي تسليم نه ڪرڻ فلسطين جي حق جو دفاع آهي، ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نيتن ياهو کي عالمي پريس ڪانفرنس ۾ سڏيندو آهي، جڏهن ته عالمي عدالت کيس عالمي ڏوهاري قرار ڏئي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي چڪي آهي.هن وڌيڪ چيو ته فتنن کي روڪڻ رڳو عالمن جي نه پر امت جي به ذميواري آهي. مولانا فضل الرحمان ياد ڏياريو ته گذريل وقت ۾ 70 هزار فلسطيني ٻار، عورتون، مرد ۽ بزرگ شهيد ٿي چڪا آهن، پر عالمي ادارا ۽ گڏيل قومن جون سفارشون نظر نه اچن. هن چيو ته جيستائين فلسطين جي هڪ ڌر حماس فيصلو نه ڪندي، پوءِ ٻيا ڪير هوندا فيصلا ڪرڻ وارا؟مولانا فضل الرحمان پنهنجي خطاب ۾ زور ڀريو ته مدرسن خلاف پروپيگنڊا ۽ انهن کي ٽوڙڻ جي سازش جاري آهي، پر هو پنهنجي موقف تي قائم آهن ۽ مسئلو حل ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته جيئن اسان پنهنجي ٻارن لاءِ سوچيون ٿا، ساڳئي طرح قوم جي ٻارن لاءِ به سوچڻو پوندو.
