ملڪ ۽ قوم جي دشمن دهشتگردن خلاف انٽيليجنس بيسڊ آپريشن انتهائي ضروري آهي.گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي

خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته صوبي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ امن جو قيام لازمي آهي، ۽ ملڪ ۽ قوم جي دشمن دهشتگردن خلاف انٽيليجنس بيسڊ آپريشن انتهائي ضروري آهي.ڪي پي ڪي گورنر جي پريس سيڪريٽري جي مطابق فيصل ڪريم ڪنڊي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان پنهنجي رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال، دهشتگردي جي تازن واقعن، ۽ صوبي جي مختلف ضلعن ۾ فتنته الخوارج خلاف جاري آپريشن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات دوران خيبرپختونخواهه ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ لاءِ ڀارتي حمايت يافته فتنته الخوارج خلاف سيڪيورٽي فورسز جي موثر ڪاررواين کي به خراج تحسين پيش ڪيو ويو.گورنر ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پوليس ٽريننگ سينٽر ۽ نادرا آفيس ڊي آءِ خان تي دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن کي به خراج عقيدت پيش ڪيو. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته عوام امن جي خواهشمند آهي، جڏهن ته گهرو وزير محسن نقوي چيو ته ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ڪامياب نه ٿيڻ ڏنو ويندو ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ خيبرپختونخواهه جي عوام جي قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو.

پنھنجي راءِ لکو