پريالوءِ ڀرسان اوڍا ۽ الرا برادري جي معززن خوني تڪرارن تان تنگ اچي آئنده ڪنهن به تڪرار جو حصو نه بڻجڻ جو اعلان ڪيو. گڏجاڻي وڏيري رجب علي الرو جي رهائشگاهه تي ٿي، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين قرآن پاڪ تي هٿ رکي ڀائرن جيان گڏجي رهڻ جو وچن ڪيو. چڱن مڙسن چيو ته سالن کان جاري تڪرارن سبب وڏو نقصان ٿيو آهي، تنهن ڪري هاڻي امن ۽ ڀائچاري سان رهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وڏيري رجب خان الرو پاران ديواني الرا سان لاتعلقي جو به اعلان ڪيو ويو، جڏهنته معاهدي کان پوءِ علائقي ۾ خوشي ۽ سڪون جي لهر پکڙجي وئي.
