ڪنڌڪوٽ ۾ جماعت اسلامي جو هارين جي حق ۾ احتجاج

جماعت اسلامي ۽ حقوقِ ڪسان بورڊ پاران هارين کي زرعي پيداوار جا مناسب اگهه نه ملڻ، ٻج ۽ ڀاڻ جي وڌندڙ قيمتن خلاف ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اڳواڻن جو چوڻ هو ته هارين سان ٿيندڙ ناانصافي بند ڪئي وڃي، زرعي مافيا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ هارين دوست پاليسيون اختيار ڪيون وڃن. هنن مطالبو ڪيو ته سارين سميت ٻين فصلن جا اگهه وڌايا وڃن ۽ زرعي سامان تي سبسڊي ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. احتجاج ۾ سياسي ۽ سماجي اڳواڻن فتح محمد سبزوئي، صوبدار خان باجڪاڻي، عبدالزيز سومرو ۽ جماعت اسلامي جا ڪارڪن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

پنھنجي راءِ لکو