اوٻاوڙو ڀرسان رائونتي ڪچي ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعي ۾ شر ۽ پنهور برادريءَ جي وچ ۾ پراڻي تڪرار هڪ ڀيرو ٻيهر رت وهائي ڇڏي، جتي کير وڪڻي گهر واپس ويندڙ بيگناه پنهور برادريءَ جا ٽن ڄڻن کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو، جڏهن ته ٻه ڄڻا سخت زخمي ٿيا. مارجي ويلن ۾ راڻو، اسلم ۽ ايوب پنهور شامل آهن، جڏهن ته زخمين ۾ اياز ۽ ظهور جا نالا سامهون آيا آهن. ڌاڙيل وزير شر پنهنجي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ قتلن جو اعتراف ڪندي دعويٰ ڪئي ته هي ڪارروائي پنهور برادريءَ طرفان اڳ اغوا ڪيل بس ڊرائيور جي ردعمل طور ڪئي وئي آهي. واقعي کان پوءِ علائقي ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ جو ماحول ڇانيل آهي، جتي ٻنهي ڌرين پاران جديد هٿيارن سان سوشل ميڊيا تي وڊيوز وائرل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، پر ان سڀ جي باوجود گهوٽڪي پوليس تاحال ڪا به مؤثر ڪارروائي نه ڪري سگهي آهي، جنهن سبب علائقي واسين ۾ بيچيني وڌي وئي آهي.
