ڪراچي: سنڌ حڪومت ڪچي جي علائقن ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ڌاڙيلن لاءِ سرينڊر پاليسي جاري ڪري ڇڏي آهي، جيڪا سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جي ڪچي وارن علائقن ۾ لاڳو ٿيندي۔ گهرو وزارت موجب هي پاليسي عام معافي جو اعلان نه آهي، هٿيار ڦٽا ڪندڙ ۽ گرفتاري ڏيندڙ ڌاڙيلن کي ڪيسن کي منهن ڏيڻو پوندو۔ پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته هٿيار ڦٽا ڪندڙن کان هٿيار ۽ بارود هٿ ڪيو ويندو، جڏهن ته سندن گهرڀاتين کي حراسان نه ڪيو ويندو۔ حڪومت ڪچي جي علائقن ۾ تعليم، صحت ۽ روزگار جون سهولتون فراهم ڪندي ۽ بند اسڪولن، ڊسپينسرين کي مرحليوار بحال ڪيو ويندو۔ سرينڊر ڪندڙ ڌاڙيلن کي فني تربيت ۽ روزگار جا موقعا ڏنا ويندا۔ گهرو وزارت طرفان پاليسي جي عملداري لاءِ مانيٽرنگ ڪميٽيون ۽ ريڊ ريسل سيل قائم ڪيا ويا آهن، جڏهن ته پاليسي جو هر مهيني جائزو وٺي زميني حقيقتن موجب ترميمون ڪيون وينديون۔ گهرو وزارت واضح ڪيو آهي ته سرينڊر پاليسي جو مقصد امن جو قيام آهي، سزا کان ڇوٽ ڏيڻ نه آهي۔
