سکر: سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وفاقي وزير مرتضیٰ خان جتوئي خلاف اينٽي ڪرپشن ڪيس ختم ڪرائڻ واري درخواست تي لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن۔درخواستگذار جي وڪيل فاروق احمد جتوئي عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته نوشهروفيروز اينٽي ڪرپشن جو ڪيس من گهڙت، انتقامي ۽ بي بنياد آهي، جيڪو ختم ڪيو وڃي۔ وڪيل موجب جنهن زمين تي قبضي ۽ وڪرو جو الزام لڳايو ويو، اها اصل ۾ غلام مرتضیٰ خان جتوئي جي ملڪيت هئي، جيڪا 2004ع ۾ وڪرو ڪئي وئي هئي، جڏهنتہ مورو ميونسپل ڪميٽي جو ان زمين سان ڪو به تعلق نه آهي، جنهن جي تصديق 2010ع ۾ لکت طور ڪئي وئي هئي۔ڪيس جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس محمود اي خان ڪئي، جن ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 4 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي۔واضح رهي ته نوشهروفيروز اينٽي ڪرپشن پاران مرتضیٰ خان جتوئي ۽ ٻين خلاف سرڪاري زمين تي قبضي ۽ وڪرو جو مقدمو داخل ٿيل آهي، جنهن ۾ مرتضیٰ خان جتوئي هن وقت ضمانت تي آزاد آهن۔
