اسلام آباد: پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي چيئرمين محمود خان اچڪزئي کي قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ نامزد ڪيو ويو آهي، اپوزيشن جي 75 ميمبرن جي صحيح سان درخواست قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري مشتاق جي آفيس ۾ جمع ڪرائي وئي، جنهن تي چيف وهپ عامر ڊوگر، اسد قيصر ۽ ٻين اڳواڻن صحيحون ڪيون، جڏهن ته پي ٽي آءِ جا ٽي ميمبر علي افضل ساهي، عمر فاروق ۽ صاحبزاده محبوب سلطان ملڪ کان ٻاهر هجڻ سبب صحيح نه ڪري سگهيا، اسپيشل سيڪريٽري درخواست وصول ڪري ڊائري نمبر پڻ جاري ڪيو۔
