ڪراچي ۾ مالي دٻاءَ جو المناڪ واقعو: بيروزگار پيءُ ٻن معصوم ڌيئرن کي قتل ڪري ڇڏيو

ڪراچي جي علائقي نارٿ ناظم آباد بلاڪ جي ڪوثر نيازي ڪالوني ۾ هڪ دل ڏاريندڙ واقعو پيش آيو، جتي مالي ۽ نفسياتي دٻاءَ سبب بيروزگار پيءُ پنهنجون ٻه معصوم ڌيئرون ذبح ڪري قتل ڪري ڇڏيون. پوليس موجب جوابدار اڪبر ولد عبدالستار کي حيدري مارڪيٽ ٿاڻي جي ٽيم ڪارروائي ڪندي گرفتار ڪيو، جنهن اعتراف ڪيو ته هن پنهنجي 10 ورهين جي ڌيءَ زينب ۽ 11 ورهين جي ڌيءَ عاليه کي تيز ڌار اوزار سان قتل ڪيو. شروعاتي جاچ مطابق اڪبر سخت مالي بحران ۽ قرضن ۾ گهيريل هو ۽ بيروزگاري سبب مختلف ڪميٽين جا واجبات ادا نه ڪري سگهيو، جنهن ڪري ذهني طور تي دٻاءَ ۾ اچي هي انتها پسند قدم کنيو. پوليس جي اطلاع ملندي ئي ايس ايس پي سينٽرل ذيشان شفيق صديقي جي هدايت تي ٽيم موقعي تي پهتي، ڪرائم سين يونٽ سان گڏ شاهديون گڏ ڪيون ۽ لاش اسپتال منتقل ڪيا. پوليس موجب جوابدار جا 6 ٻار آهن، جن مان هڪ پٽ ۽ پنج ڌيئرون شامل آهن، جڏهن ته مقتوله زينب ۽ عاليه ٽئين ۽ چوٿين نمبر تي هيون. پوليس طرفان ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ جاري آهي۔

پنھنجي راءِ لکو