اسحاق ڊار ۽ سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان ۾ ٽيليفونيڪ رابطو

اسلام آباد: پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ علائقائي صورتحال، خاص طور تي غزه ۽ فلسطين جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي۔پرڏيهي وزارت طرفان جاري بيان موجب ٻنهي وزيرن غزه ۽ فلسطين سميت تازين علائقائي حالتن جو جائزو ورتو ۽ امن ۽ استحڪام لاءِ گڏيل ارادن جو اظهار ڪيو۔ گڏوگڏ ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو۔ياد رهي ته هڪ هفتو اڳ به ٻنهي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ رابطو ٿيو هو، جنهن ۾ فيصل بن فرحان پاڪستان جي امن ۽ سلامتي لاءِ ڪوششن جي ساراهه ڪندي علائقائي استحڪام لاءِ گڏيل جدوجهد جي اهميت تي زور ڏنو هو۔اسحاق ڊار سعودي عرب پاران پاڪستان لاءِ جاري حمايت تي ٿورائتو ظاهر ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان، سعودي عرب سان گڏجي علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي۔

پنھنجي راءِ لکو