پوليس جي بلٽ پروف گاڏين جي حوالن سان وفاق ۽ خيبرپختونخواهه جي وچ ۾ پيدا ٿيل تڪرار ۾ بلوچستان حڪومت به شامل ٿي وئي آهي۔ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو ته خيبرپختونخواهه وانگر بلوچستان به دهشتگردي کان شديد متاثر آهي، تنهنڪري وفاقي گهرو وزير محسن نقوي کي اپيل آهي ته جيڪڏهن ڪي پي حڪومت اهي بلٽ پروف گاڏيون واپس نه وٺي ته اهي بلوچستان کي ڏنيون وڃن۔ سرفراز بگٽي موجب بلوچستان کي دهشتگردي خلاف وڌيڪ موثر ڪارروائين لاءِ اضافي حفاظتي سامان جي سخت ضرورت آهي، انڪري اهي گاڏيون اسان کي ڏنيون وڃن ته جيئن اسان انهن کي سيڪيورٽي مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهون۔ ياد رهي ته وفاقي گهرو وزير طرفان ڪي پي پوليس لاءِ بلٽ پروف گاڏيون آءِ جي ڪي پي حوالي ڪيون ويون هيون، جڏهن ته ڪي پي جي وڏي وزير سهيل آفريدي انهن گاڏين جي حالت تي اعتراض ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته فراهم ڪيل گاڏيون پراني آهن۔
